جهانپور جي سيد ڪچي جي ڌاڙيلن کي 3 لکن ۾ وڪرو ڪيو: بيواهه عورت
جُولاءِ 2, 2025
ڏهرڪي(پنهنجي ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلو جي بيواهه عورت جا اڳ جهانپور جي هڪ سيد تي سنگين الزام، 3 لک رپين عيوض ڪچي جي ڌاڙيلن وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، ٽن ورهين تائين اجتماعي لڄالٽ نشانو بڻايو ويو. عورت نوران شيخ الزام هڻندي چيو آهي ته جهانپور جي سيد صفدر شاهه بخاري مون کي ٽن لکن ۾ رائونتي ڪچي جي ڌاڙيلن کي ٽن لکن ۾ وڪرو ڪيو ٽن سالن تائين اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.
عورت ٻڌايو ته ڀڄي نڪرڻ جو ڪوپ به رستو نه هو، ننڍن وڏن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ جديد هٿيار هوندا هئا، مجبور هيس خاموش رهيس، وجهه ملڻ تي ڀڄي نڪتي آهيان، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو وڏو ٽولو هيو جيڪا لڄالٽ ڪندو هيو،آزاد ڪرائڻ ۾ سيد بابر شاهه مدد ڪئي آھي ته صفدر شاهه عابد شاهه تي ڪاوڙيل آھي.
هوڏانهن الزام هيٺ آيل صفدر شاهه چيو آهي ته عورت پاران لڳايل الزام بي بنياد آھن، نوران اڍائي سالن کان وٺي منهنجي سالي بابر شاهه پاڻ وٽ ويٺل هئي، عورت اسان بابر شاهه کي شادي کان روڪيو ته انهن مون مٿان اهڙا سنگين الزام لڳايا آهن.