جهانگير ترين اسحتڪام پاڪستان پارٽي جوڙي ورتي

جُون 8, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ ۽ صنعتڪار جهانگير ترين پنهنجي نئين پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي جي نالي سان ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي، سرڪاري عمارتن تي حملي لاءِ اهو سڀ ڪجهه نه ڪيو هو.

هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ مستقبل ۾ ٻيا ماڻهو به شامل ٿيندا. انهن ۾ ووٽ بينڪ رکندڙ ماڻهو به شامل آهن.

 هن چيو ته اسان ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي پارٽي جو پروگرام ڏينداسين، چونڊن ۾ حصو وٺنداسين.

نئين پارٽي ۾ نوريز شڪور، علي زيدي، عمران اسماعيل، مهر ارشاد ، عثمان ارشاد، خرم روکڙي شامل آهن

نئين پارٽي ۾ عليم خان، فواد چوڌري، عامر ڪياني، نعمان لنگڙيال پڻ شامل ٿيا آهن.

Leave A Comment