جهانگير ترين پاران قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو، اهم سياستدانن سان رابطا
مَي 26, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) جهانگير ترين پاران قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي
ذريعن موجب جهانگير ترين پاران قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهي ويندي جنهن جو جهانگير ترين پاڻ پيٽرن اِن چيف هوندو
ذريعن موجب نئين سياسي پارٽي ۾ ترين گروپ کانسواءِ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ناراض اڳواڻن جي شموليت جو امڪان آهي
ڊي جي خان، راجنپور، مظفر ڳڙهه ، وهاڙي، لوڌران، ملتان جي سياسي خاندان جي ان پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي
ذريعن موجب ڪراچي سوڌو سنڌ جي ٻين شهرن مان به اهم سياسي شخصيتن جو نئين پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي
جهانگير ترين پاران نئين پارٽي ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان جي به اهم اڳواڻن جا به ساڻس رابطا جاري آهن