جهانگير ترين جو پيپلز پارٽي ۾شامل ٿيڻ سٺو عمل هوندو: گيلاني

جُون 25, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جهانگير ترين جو پيپلز پارٽي ۾ شموليت هڪ سٺو شگن هوندو.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته جهانگير ترين جي اچڻ سان پيپلز پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. جهانگير ترين منهنجو ڀاءُ ۽ ويجهو مائٽ آهي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته پنجاب صرف لاهور نه آهي اهو هڪ تمام وڏو صوبو آهي. پنجاب 120 ملين آبادي وارو صوبو آهي، ڪيترائي ملڪ ان کان ننڍا آهن.

هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ وڏي پسماندگي ۽ بيروزگاري آهي، انهي سان گڏ ڏکڻ پنجاب ۾ تعليم جي کوٽ آهي. پنجاب حڪومت کي ڏکڻ ۽ وچ پنجاب کي برابر حق ڏيڻ گهرجن.

هن چيو ته سڄي دنيا پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڀارت جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڀارت پاڻي بند ڪري ٿو ته ان کي جنگ جو اعلان سمجهيو ويندو.

سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن پاڪ-ڀارت جنگ ختم نه ٿئي ها ته اها ٽئين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي وڃي ها.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ