آخر اوهان ڪرڻ ڇا ٿا چاهيو؟ جيڪڏهن ذهن ۾ ڪا منزل يا مقصد آهي ته اها ڪهڙي آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته معلوم ٿئي. هن غيرمعمولي دؤر کي چار سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر نه شروعات ۾ مقصد واضح هو ۽ نه ئي اڄ آهي. چار سال ته پهرين عالمي جنگ به هلي هئي، جنهن دوران وڏيون تباهيون ٿيون ۽ چار عظيم سلطنتون ــ جرمني، آسٽريا، روس ۽ عثمانيه ــ ختم ٿي ويون. پر هتي انهن چئن سالن ۾ ڪهڙي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي يا ڪهڙو معجزو ٿيو؟ رڳو ايترو نظر اچي ٿو ته عدليه پنهنجي وڃايل وقار تي ماتم ڪري رهي آهي، آئين ۽ قانون جي اهڙي حالت آهي جو انهن جي تشريح ڪندڙ به ٿڪجي پيا آهن. چونڊن جي تصور سان اهڙو سلوڪ ٿيو آهي، جو روئندڙن جا به ڳوڙها سڪي ويا آهن. اسان به هاڻي ڪنڌ جهڪائي ويٺا آهيون، اعتراض ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايتري بيچيني ضرور آهي ته هن سڄي صورتحال جو آخر ڪو مقصد به آهي يا نه؟
جيڪڏهن روز بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان ڌماڪن ۽ حملن جون خبرون نه اچن ها ته شايد اهو سوال به نه اڀري ها. پر جڏهن اخبار يا انٽرنيٽ کولجي ته سرخيون ٻڌائين ٿيون ته بلوچستان ۾ فلاڻو واقعو ٿيو ۽ خيبرپختونخوا ۾ رت جي هولي کيڏي وئي، تڏهن بيحس ماڻهو به سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته آخر هن ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن غيرمعمولي دؤر جو واعدو اهو هو ته جمهوريت ۽ آئين ڀلي پاسي تي رهن، پر ملڪ ۾ امن ايندو ۽ معيشت اهڙي ترقي ڪندي جو هر ڪو حيران رهجي ويندو. معيشت تي ڳالهائڻ دل ڏکائڻ برابر آهي، پر جيڪي امن جون دعوائون ڪيون ويون هيون، انهن جو ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن رڳو “فتنو 804” ئي مسئلو هجي ها ته ڳالهه ٻي هجي ها، ڇاڪاڻ تہ ان سان جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو، اهو ڪيو ويو. پر هاڻي لڳي ٿو ته اصل مسئلا ته ٻيا آهن. خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سان ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ ماضي جون يادون تازيون ٿي وڃن ٿيون.
پهريون فيلڊ مارشل ڪيڏي نه باوقار شخصيت جو مالڪ هو. چهري تي رعب، انداز ۾ دٻدٻو. پر 1965ع جي جنگ ۾ غلطيون اهڙيون ٿيون، جو سڀ ڪجهه بدلجي ويو. شجاع نواز جي ڪتاب کي ٻيهر پڙهندي 1965ع جي جنگ جا احوال پڙهي دل ملول ٿي وڃي ٿي. ڪپتانن، ميجرن ۽ هيٺين رينڪن جي آفيسرن وڏي بهادري ڏيکاري، پر مٿين قيادت جي فيصلن تي افسوس ٿئي ٿو. جيڪڏهن برگيڊيئر عبدالعلي ملڪ ۽ برگيڊيئر امجد چوڌري نه هجن ها ته چونڊا جو محاذ هٿان نڪري وڃي ها ۽ هندستاني فوج لاءِ سيالڪوٽ جو رستو کلي وڃي ها. جيڪو اڄ جي حالتن کي سمجهڻ چاهي، ان کي شجاع نواز جو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.
ان کان پوءِ يحييٰ خان اقتدار ۾ آيو. شخصيت رعبدار هئي، آواز ۾ گونج هئي، هلڻ ۾ شان هو. پر آمريڪي اڳواڻ هينري ڪسنجر جو خيال هو ته ذهانت ۽ دور انديشي جي لحاظ کان يحييٰ خان گهڻو مضبوط نه هو. اهو ئي ٿيو؛ جڏهن غلط فيصلا ٿيا ته حالتون سندس هٿن مان نڪري ويون. ڀٽو به پنهنجيون سياسي چالون هلندو رهيو ۽ اقتدار بنگالين حوالي ڪرڻ کان به انڪار ڪيو ويو. چونڊن ۾ اڪثريت ماڻڻ باوجود بنگالين کي حڪومت نه ملي. پاڪستان جي سياست ۾ اهو اصول اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي. پوءِ ڍاڪا ۾ فوجي ڪارروائي ٿي ۽ حالتون وس کان ٻاهر نڪري ويون.
پوءِ جنرل ضياءُ الحق جو دور آيو. اسلام جي نالي تي ڪيترائي سبق پڙهايا ويا، پر پاڪستان کي پنهنجي حال تي ڇڏي افغانستان کي سنوارڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو. اهو ئي افغانستان، جنهن جو بار پاڪستان ڏهاڪن تائين کنيو ۽ اڄ به ان جا اثر ڀوڳي رهيو آهي.
پرويز مشرف جو دؤر به وڏي دعويٰ سان شروع ٿيو. اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان اڳ ئي ڪارگل جو واقعو پيش آيو. اڄ تائين ڪنهن عدالت ۾ اهو سوال نه پڇيو ويو ته ڪارگل جو مقصد ڇا هو؟ ڇا حاصل ڪرڻ چاهيو پئي ويو؟ جڏهن هندستان جوابي حملو ڪيو ته حالتون ابتڙ ٿي ويون. پر پاڪستان ۾ هڪ ٻيو اصول به رهيو آهي ته سوال جواب عام ماڻهن کان ٿين ٿا، طاقتور ماڻهن کان نه.
هي سڀ ڪجهه ياد ڪرڻ جو مقصد رڳو ماضيءَ کي ورجائڻ نه آهي، پر اهو ٻڌائڻ آهي ته ملڪ جي قيام کان وٺي هن رياست سان مسلسل تجربا ٿيندا رهيا آهن. هر طاقتور شخص پاڻ کي وڏو مفڪر سمجهندو رهيو، جنهن وٽ پاڪستان جي سڀني مسئلن جو حل موجود آهي. جيڪڏهن واقعي ڪو لي ڪوان يو جهڙو اڳواڻ ملي وڃي ها ته شايد ماڻهو جمهوريت جي گهٽتائي به وساري ڇڏين ها، پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.
گذريل دؤرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو ٿيو جو وقت سان گڏ حڪمرانن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جمهوري رنگ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ايوب خان بنيادي جمهوريت جو نظام آندو، يحييٰ خان چونڊون ڪرايون، ضياءُ الحق ريفرنڊم ۽ غيرجماعتي چونڊون ڪرايون، جڏهن تہ پرويز مشرف به ريفرنڊم ۽ اسيمبلين جو سهارو ورتو. پر موجوده دؤر ۾ مستقبل جو ڪهڙو خاڪو آهي؟ ڇا رڳو فارم 47 تي ئي ڀروسو رهندو؟ اهو سوال اڃا تائين بي جواب آهي.
اصل وڏو مسئلو خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان آهي. آبنائي هرمز تي عالمي طاقتون پنهنجو مقابلو ڪري رهيون آهن، پر اسان کي پنهنجين سرحدن ۽ اندروني حالتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اتي رڳو هٿيارن جي زور سان مسئلا حل نه ٿيندا. جيڪڏهن رڳو فوجي طاقت سان مسئلا حل ٿين ها ته اوڀر پاڪستان، ويٽنام يا افغانستان جا نتيجا مختلف هجن ها. تاريخ مان سبق سکڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ ڏکيو لڳي ٿو، ۽ هاڻي شايد اهو سبق سکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به نه رهيو آهي.
(اياز امير پاڪستان جو گھڻو پڙھيو ويندڙ ڪالم نگار ۽ اڳوڻو ايم اين اي آھي.)