جهرلو اليڪشن رد: اسلام آباد سميت چئني صوبن ۾ ريليون: ڌرڻا: چڪريون: شاهراهون بلاڪ: 15 گرفتار

فيبروري 12, 2024

اسلام آباد (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ، نيشنل پارٽي، پختون خوا  ملي عوامي پارٽي، هزاره جماعت پاران اسلام آباد سميت پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾مظاهرا ڪيا ويا، ڪي پي مان 15 گرفتار،  ان ڏس ۾ پنجاب جي شهر لاهور، چڪوال، تله گنگ ۽ اٽڪ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن آر او آفيس آڏو مظاهرا ڪيا، جڏهن ته ڪي پي جي راڄڌاني پشاور ۽ باجوڙ ۾ ٽئين ڏينهن احتجاج جاري رهيو، بلوچستان جي صوبائي تخت گاهه ڪوئيٽا ۾پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تربت توڙي چمن ۾نيشنل پارٽي پاران مظاهرا ڪيا ويا، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته آئون تڪ جا فارم 45 کڻي آر او آفيس ۾ڌانڌلين کي چيلنج ڪرڻ وڃي رهيو هئس ته نواز ليگ جي ڪارڪنن ڏنڊن سان حملو ڪري منهنجي ساٿين کي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته گاڏي جا شيشا ڀڃي ڇڏيا

Leave A Comment