جهرڪ ويجهو گهر تي حملو، فائرنگ دوران ماءُ ڌيءُ قتل
مَي 31, 2025
ٺٽو (رپورٽ محبوب بروهي)جهرڪ ويجهو ويران ٻيلي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ کوسا برادري جون 2 عورتون مارجي ويون 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس موجب هٿياربندن ويران ٻيلي ۾ رهندڙ کوسا برادري جي گهرن تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون ماءُ ۽ ڌيءَ مارجي ويون، مارجي ويلن ۾ عورت رضيا زال غلام دين کوسو ۽ سندس نوجوان عزيزا زال غلام مصطفيٰ کوسو شامل آهن، پوليس مطابق ته هٿياربندن جي حملي ۾ غلام دين کوسو ۽ غلام مصطفيٰ کوسو سخت زخمي ٿي پيا آهن، جوابدار حملي کانپوءِ فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ڄاڻايل هنڌ تي پهچي مارجي ويل ٻنهي عورتن جا لاش ۽ زخمين کي ٺٽو سول اسپتال کڻائي آئي، ٻڌايو پيو وڃي ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان تڪرار هلندڙ ھو، ڄامشوري ضلعي سان تعلق رکندڙ هڪ ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ٻنهي عورتن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.