شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) جهل مگسي ۾ پراڻي تڪرار تان لاشاري برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جهيڙي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
جھل مگسي جي علائقي ڳوٺ خنجاڻي ۾ لاشاري ذات جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ عثمان لاشاري ، اصغر لاشاري قتل ٿي ويا، سليمان لاشاري ۽ قدير لاشاري سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
اطلاع ملڻ تي گنداواھ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿي ويل ۽ زخمين کي گنداواھ اسپتال پھچايو
رابطي تي بلوچستان پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ ھيو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي جھيڙي جي نتيجي 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جڏهن 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن .