جهمپير ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، پالاري اليون فائنل کٽي ورتو

جهمپير ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، پالاري اليون فائنل کٽي ورتو

جھمپير (ن پ ا) جھمپير ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري، پالاري اليون ٽائيٽل پنھنجي نالي ڪري ورتو. جھمپير شھر ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو، ٽورنامينٽ جو فائنل جوش بروھي ڪلب ۽ پالاري ڪوھستان اليون جي وچ ۾ ڪينجھر گرائونڊ تي کيڏيو ويو، فائنل مئچ ۾ جوش بروھي ڪلب ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 81 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ پالاري ڪوھستان اليون جي ٽيم نظير مري جي شاندار ففٽي جي مدد سان ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪري ورتو. ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ۽ سنڌ جي آرگنائزر مجيد سيال، ڄامشورو جي آرگنائزر ديدار ٻگھيو، ِضلعي ٺٽي جي صدر بابو احسان ڀٽو، سنڌ ڪائونسل جي ميمبر پير بخش سمون، باسط ملاح، عاشق پالاري، عابد عباسي، غلام حسين جوکيو، عطاءُالله پالاري، سجاد مري ۽ ٻين ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورھايا.