| جهول: خوني ٽرڪ رڪشا کي چيڀاٽي ڇڏيو: 3فوت: 2زخمي |
جهول (ن پ ا ) جهول لڳ خوني ٽرڪ رڪشا کي چيڀاٽي ڇڏيو: 3فوت: 2زخمي، ان ڏس ۾ جھول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سانوڻ خان مري وٽ تير رفتار ٽرڪ رڪشا سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ريشمو ڀيل، شمعون مسيح ۽رڪشا ڊرائيور علي نواز بالادي فوت ٿي ويا، جڏهن ته معشوق ٽالپر ۽آتم ڀيل زخمي ٿي پيا، جن کي سانگھڙ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جھول پوليس ٻئي گاڏيون تحويل ۾ وٺي ٽرڪ جي ڪلينر کي گرفتار ڪري ورتو