جهول: سونيا ڪولهي اسلام قبولي ورتو: نڪاح نامو به پهتو 

جهول: سونيا ڪولهي اسلام قبولي ورتو: نڪاح نامو به پهتو 

جهول (ن پ ا)  جھول لڳ زرين آباد مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 17سالن جي نينگري سونيا ڌي بابو ڪولهي جي مسلمان ٿي شادي ڪرڻ بابت پوليس کي آگاهي ڏني وئي آهي، پوليس وٽ پهتل دستاويزن موجب سونيا ساماري جي مدرسي ۾ اسلام قبوليو، سندس اسلامي نالو صبا ر کيو ويو، سندس عمر 19 سال ڄاڻائي وئي، جڏهن ته نڪاح نامي موجب صبا  24 سالن جي علي مراد سان شادي ڪئي آهي، نڪاح نامي ۾ حق مهر 10 هزار مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سونيا جي والد بابو ڪولهي جو چوڻ آهي ته نينگري جي عمر سورنهن سال آهي، اسان وٽ  ب فارم موجود آهي، ننڍي عمر ۾ شادي ٿي نٿي سگهي، هوڏانهن ايس ايس پي سانگهڙ جي حڪم تي فريادي بابو کان تيل جا 2000 رپيا وٺڻ جي الزام هيٺ سپاهي اجمل ڀيل کي ڪوارٽر  گهاٽ ڪرائي ڇڏيو