| جهول : واپاري جي 2 قاتل ڀائرن کي ڦاهي سزا: 50 لک ڏنڊ |
جهول(ن پ ا) سانگهڙ جي عدالت جھول ۾ 2019ع ۾ڪپڙي جي واپاري تامل مينگھواڙ کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل 2 جوابدارن ٽيڪسي ڊرائيور انور خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ نياز خاصخيلي کي ڦاسي ۽50 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سال 2019ع جي قتل ڪيس ۾گرفتار جوابدارن کي 2023ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج ون سانگھڙ جي عدالت با عزت بري ڪيو ھو، اهڙي فيصلي خلاف فريادي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ اپيل داخل ڪئي ھئي، ھاءِ ڪورٽ جوابدارن کي بري ڪندڙ عدالت کي مئي 2025ع ۾ ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ موڪليو ھو، انهي دوران جوابدارن وري ضمانت ڪرائي ورتي هئي، 8 نومبر 2025ع تي عدالت ٻنهي جوابدارن کي ڦاسي ۽ 50 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، واضح رهي ته 6 سال اڳ 31 جولاءِ 2019ع تي واپاري تامل مينگھواڙ کي کنڀي، پانا ۽ جيڪ سان بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش سم نالي ۾ لوڙھيو ويو هو.