جهوڪ  ويجهو اسڪول بند، والدين جو پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار

جهوڪ  ويجهو اسڪول بند، والدين جو پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار

جھوڪ شريف (ن پ ا) جھوڪ شريف لڳ ڳوٺ حاجي ڇٽو جلالاڻي جو قديمي پرائمري اسڪول حاجي ڇٽو جلالاڻي ڪيترن ئي سالن کان مسئلن ۾ گھيريل آھي، اسڪول جي عمارت جهور ٿي وئي تعليم کاتي جي اختيارين پاران اسڪول کي ڊي ايڪٽو ڄاڻايو ويو آھي جنھن جي ڪري اسڪول کي سيمس ڪوڊ به نه ملي رھيو آھي ، نه ئي وري اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙن توڙي استادن لاءِ فرنيچر مھيا ڪيو ويو آھي. اسڪول جي عمارت جو ڪم نه ڪرائڻ توڙي اسڪول کي ڊي ايڪٽو ڄاڻائڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي پنھنجي معصوم ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪندي آيل پوليو ٽيم کي موٽائي ڇڏيو، ڳوٺاڻن شاھنواز جلالاڻي، نور احمد جلالاڻي، ربنواز جلالاڻي، امين جلالاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته پرائمري اسڪول حاجي ڇٽو جلالاڻي تمام پراڻو اسڪول آھي پاڪستان جي قيام کان ھي اسڪول ھلي رھيو آھي ۽ ھتان سوين ھزارين شاگردن تعليم حاصل ڪري ويا آھن، افسوس جي ڳالهھ آھي ته  تعليم کاتي جي انتظاميا  اسڪول کي ڊي ايڪٽو ڄاڻائي سيمس ڪوڊ ختم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو ھتان جي مستقبل جي معمارن سان سراسر زيادتي آھي. ھنن چيو ته جيستائين اسڪول جو ڊي ايڪٽو وارو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي تيستائين ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ جاري رھندو.