جهڏو لڳ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

جهڏو لڳ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

جهڏو (ن پ ا) جهڏو لڳ ڳوٺ گلڻ لغاري ۾ 20 ورهين جي لالچند پٽ ويرسي ڪولهي غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪجهه مهينن کان بيروزگار هو، ٻڌايو پيو وڃي ته لالچند جي ڇهه مهينا اڳ شادي ٿي هئي، هن پنهنجي گهر ٻاهران بيٺل وڻ سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، واقعي جي اطلاع تي جهڏو پوليس پهچي لاش کڻائي آر ايچ سي جهڏو مان پوسٽ مارٽم ڪرايو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.