جهڏو: 120 شاگردن لاءِ هڪ استاد، پرائمري اسڪول ۾ سهولتون اڻلڀ، احتجاج

جهڏو: 120 شاگردن لاءِ هڪ استاد، پرائمري اسڪول ۾ سهولتون اڻلڀ، احتجاج

جهڏو (ن پ ا) جهڏو لڳ ڳوٺ دريا خان لغاري جي پرائمري  اسڪول  ۾ استادن جي کوٽ ۽ سهولتون نه هئڻ سبب ڳوٺاڻن، شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن محمد حسن خاصخيلي يار محمد لغاري ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي پاران گورنمينٽ پرائمري اسڪول دريا خان لغاري ۾ 120 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ فقط هڪ استاد مقرر آهي، اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي واش روم بجليءَ سميت ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن هنن چيو ته بلڊنگ به زبون حال آهي استاد ۽ ڳوٺاڻن پاران تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ٽنڊو باگو ڊي او ڊائريڪٽر بدين سميت چونڊيل نمائندن کي پڻ لکت ۾ آگاهي ڏني آهي پر هيل تائين ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو. هنن سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس اسڪول ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن