| جهڏي جي شاخ بگي مائنر ۾ وارابندي: آبادگارن جو مظاهرو، هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان |
جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي) جهڏي ويجهو جمڙائو ڪينال جي پوڇڙي واري شاخ بگي مائنر ۾ ٽن مهينن کان جاري هٿرادو پاڻي کوٽ ۽ غيرقانوني وارابندي خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن نارا ڪينال بگي مائنر جو اهم اجلاس ايريگيشن بنگلي ۾ ٿيو اجلاس ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر جمڙائو ڊويزن ۽ ايس ڊي او آبپاشي ڪوٽ غلام محمد خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي آبادگارن عبدالجليل انڙ، اياز کوسو، اياز رضوي، ساماڻو خاصخيلي، اسماعيل مغيري، ستار قائمخاني، امير رند ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب بگي مائنر جي 15 واٽر ڪورسن سان لاڳاپيل اٺ هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، جڏهن ته مرچ، ڦٽي، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي بگي مائنر جي حصي جو پاڻي مٿي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب جهڏو شهر ۾ به پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي آبادگارن مطالبو ڪيو ته بگي مائنر تي مبينا غيرقانوني وارابندي فوري ختم ڪري مڪمل گيج موجب پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ايڪسيئن جمڙائو ڪينال کي هٽائي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ قانوني ۽ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.