جھڏو(ن پ و) جهڏو ويجهو گهگهه موري ۾ 15 ورهين جي نينگر پرسو ولد ڀاوو ڪولهي جو ڪپڙن کان آجو ٿيل وونئڻن جي فصل مان لاش هٿ آيو
اطلاع تي جهڏو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي آر ايڇ سي منتقل ڪيو آهي
نينگر جي وارثن موجب ته ڀارو گذريل شام کان گهر نه آيو هو اڄ صبح لال بخش لغاري جي ٻني مان وونئڻن جي فصل مان سندس ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي
سندن چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڪبوتر جهلڻ واري ڳالھه تان نينگر جي سندس هم عمر مائٽ گووند ڪولهي سان منهن ماري ٿي هئي جنهن نينگر کي ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن بعد نينگر ڪالھه گهر جو سامان وٺڻ لاءِ ويو هو جنهن بعد مسلسل گم هو
هنن ٻڌايو ته اسان سڄي رات نينگر جي ڳولا ڪئي اڄ صبح جو نينگر جو لاش ٻني مان هٿ آيو آهي جنهن جي شلوار لٿل آهي نينگر کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي
ٻئي طرف جهڏو پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار گوند ولد پونيو ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي