جوابدار جو ايس ايڇ او پٽ عدالت ۾ موجود رهي ٿو، ام رباب پاران تصويرون جاري

نومبر 4, 2023

ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوهر چانڊيو جو ايس ايڇ او پٽ هر ٻڌڻيءَ تي عدالت ۾ موجود رهي ٿو

ام رباب حاضرين دوران موجود رهندڙ ايس ايڇ او قمبر امداد چانڊيو جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

ام رباب جڊيشل ڪامپليڪس جي سيڪيورٽي انچارج آڏو خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ام رباب چيو ته گرفتار جوابدار جو ايس ايڇ او پٽ هر ٻڌڻي تي نامعلوم ماڻهن سان گڏ عدالت اچي ٿو، ايس ايڇ او امداد عدالت ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سان به گڏ ويهي ٿو، اسان کي اڳ ئي ٿريٽس آهن، سڀاڻي ڪو واقعو ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو؟

Leave A Comment