جوابدار سردار بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا استعمال پيا ڪن: ام رباب چانڊيو

آڪٽوبر 27, 2023

ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار سردار بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا استعمال پيا ڪن، پيپلزپارٽي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته ڇا اها قاتلن سان گڏ بيٺل آهي؟: ام رباب جون دادو جي عدالت ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون

ام رباب چيو ته اڄ اسان جي ٻئي گواهه کان آڏي پڇا مڪمل ٿي، سڀاڻي اسان جو ٽيون گواهه آڏي پڇا کي منهن ڏيندو، ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو، ام رباب ۽ سندن وڪيل عدالت آڏو پيش ٿيا

پوليس پاران سردار ڀائرن جي جهڙتي وٺڻ بعد کين عدالت اندر ڇڏيو ويو، سردار چانڊيو چيو ته اسان جي وڪيل هڪڙي گواهه کان جرح ڪئي، ٻيو گواهه به موجود هو، اسان جي وڪيل هن کان به جرح ڪرڻ پئي گهري، پر ام رباب وارن ٻئي گواهه کي پيش نه ڪيو، ام رباب وارا گواهه کي رات پٽيون پڙهائڻ بعد شايد سڀاڻي عدالت آڏو پيش ڪندا

Leave A Comment