جوابدار قاتلاڻو حملو ڪري سگهن ٿا: شهريار شر

جوابدار قاتلاڻو حملو ڪري سگهن ٿا: شهريار شر

سکر (بيورو رپورٽ) شهريار شر تي قاتلاڻي حملي ۾ روپوش جوابدارن جي ايس ايچ او شڪور لاکو جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت وارو معاملو. اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر سکر ۾ جاچ آفيسر آڏو هڪ صفحي تي ٻڌل لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. جمع ڪرايل لکت واري بيان ۾ شهريار شر چيو آهي ته مون  تي قاتلاڻي حملي ڪيس جي ٻن روپوش جوابدارن شوڪت سيلرو ۽ عطو سيلرو سکر ۾ مقرر ايس ايڇ او شڪور لاکو جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جو ويڊيو ثبوت به موجود آهي. قاتلاڻي حملي ڪيس ۾ ايس ايڇ او شڪور لاکو به جوابدار آهي. ڏوهاري پرائيويٽ فورس هلائي رهيا آهن انهن سان پوليس آفيسر ملوث آهي اڳ به مون مٿان قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي، سردار شهريار شر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي گهوٽڪي به چئي چڪو آهي ته ايس ايڇ او شڪور لاکو ڏوهاري فورس هلائي رهيو آهي، اڳ به حملو ٿي چڪو آهي تنهن ڪري حملو ڪري قتل ڪرڻ جو به خدشو آهي، جوابدار قاتلاڻو حملو ڪري سگهن ٿا. عوامي نمائندو آهيان، ايم پي اي رهي چڪو آهيان ۽ گذريل عام چونڊون ۾ 55 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.