جوابدار ڪيس اينگهائي ٿڪائڻ چاهين ٿا، آخري دم تائين وڙهنديس: ام رباب

جُولاءِ 27, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽر) ميهڙ واقعي ۾ جوابدارن ضمانت واري درخواست تي عدالت کان وڌيڪ مهلت گهري ورتي، ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار اسان کي ٿڪائڻ چاهين ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ۾ ميهڙ واقعي جي ٻڌڻي ٿي، اُم رباب چانڊيو سندس وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

ڪيس ۾ جوابدار سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو طرفان ضمانت لاءِ درخواست تي جوابدار ڌر طرفان تياري نه هئڻ تي مهلت طلب ڪئي

ام رباب چانڊيو طرفان ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪرڻ بابت ٽن صفحن تي ٻڌل ڪيس ڊائري عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، عدالت جوابدارن جي ضمانت وارن درخواست تي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، آئون پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيس پر اڄ به ڪا  اڳڀرائي نه ٿي

ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ دير پئي ٿئي کين ضمانت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ٽرائل نه ٿو هلي، اهي رڙيون ته اسان مسلسل ڪندا پيا اچون

هن چيو ته  اسان ٽن صفحن تي ٻڌل ڪيس ڊائري اڄ عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ فرد جرم لاڳو ٿيڻ باوجود ڪيس ۾ دير ٿي آهي، اهي سڀ تاريخون عدالت اڳيان رکيون،  جوابدار ڌر طرفان دير ڪئي پئي وڃي، اڄ به تيار نه هجڻ جو بهانو بڻائي ٻي تاريخ گهري وئي

ام رباب چانڊيو چيو ته هاڻي سڀ واضع ٿي چڪو آهي ته ڪير دير پيو ڪري، ان باوجود اسان کين ٽائيم ڏيون ٿا ته هو تياري ڪري اچن پر اسان ثابت قدم بيٺا آهيون ۽ بيٺل رهنداسين

هن چيو ته جوابدار اصل ۾ اسان کي ٿڪائڻ چاهن ٿا، هو نه ٿا چاهين ته پٽيشن جلد کان جلد هلي ۽ جلد فيصلو اچي، جوابدار چاهين ٿا ته اسان ٿڪجي گهر ويهي رهون، پر آئون کين واضح لفظن ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ اسان آخري دم تائين وڙهنداسين

Leave A Comment