“جوابدار گرفتار ڪريو” خانپور مهر ۾ مقتول نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

“جوابدار گرفتار ڪريو” خانپور مهر ۾ مقتول نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو قتل ٿيل ڳوٺاڻي جمال الدين ملڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سجاول ملڪ واسي جمال الدين عرف جمعو ملڪ جو لاش رکي وارثن پاران 5 ڪلاڪن تائين لشڪري پير جي قبرستان وٽ احتجاج  ڪيو، مقتول جي وارثن بخش علي ملڪ، صدام ملڪ، واحد بخش ملڪ، مائي سهاڳڻ ۽ ٻين چيو ته  گذريل ڏينهن جمال الدين ملڪ کي جوابدارن حملو ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪيو، جنهن جي مٿي مان اڃا تائين رت وهي رهيو آهي پر گهوٽڪي اسپتال جي عملي سرٽيفيڪيٽ ۾ ڌڪ جو ذڪر ئي ناهي ڏنو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪري سگهي آهي، ٻي طرف 5 ڪلاڪن بعد مقتول جي تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته عادلپور ٿاڻي تي مقتول جمال الدين ملڪ جو قتل ڪيس سندس ڀائٽي الهوسايو ملڪ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نهال ملڪ، سڪندر ملڪ، ضمير ملڪ ۽ علي گوهر ملڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڳوٺ سجاول ملڪ ۾ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڳوٺاڻو جمال الدين عرف جمعو ملڪ مارجي ويو هو، جڏهن ته هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.