| “جوابدار گرفتار ڪريو” دوداپور ويجھو نينگري سميت 2 مقتولن جا لاش رکي ڌرڻو |
دوداپور (رپورٽ: غوث بخش ڪٽوهر) ڳوٺ محمد ملوڪ لھر ۾ گل حسن لھر جي گھر مٿان فائرنگ ڪري راڪيٽ لانچر جا فائر ڪيا ويا، فائرنگ ۾ پندرهن ورھين جي نينگري ساجدا لھر ۽ سندس چاچو صدام حسين لھر موقعي تي قتل ۽ پندرهن ورھين جي نيگر محمد حنيف لھر ٿي پيا هئا، واقعي خلاف لھر برادري جي ھزارين ماڻھن جو سردار طارق جاويد لھر مير عاطف خان لھر، الاھي بخش لھر ۽ ٻين جي اڳواڻي جيڪب آباد-گڙھي خيرو مين روڊ حسين آباد اسٽاپ تي شاميانا ھڻي ڌرڻو هنيو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي مقتولن جي جنازي نماز پڙھي لاش روڊ تي ادا ڪئي وئي، مظاهرين چيو ته ٻئي طرف مقتول صدام حسين لھر جي وڏي ڀاءَ گل حسن لھر چيو ته وياج جا پيسا نه ڏيڻ تي بااثر سيٺ ڪرائي جا قاتل گھرائي گھر تي حملو ڪري نينگري سميت ٻن ڄڻن کي قتل ۽ ھڪ کي زخمي ڪيو آهي. گل حسن لھر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳڙهي خيرو رائيس مل جو بااثر سيٺ کان سال 2022 ۾ ذريعي زمين لاءِ اوڌر تي ٻج ڀاڻ ورتو ھو سال 2022 ۾ طوفاني برساتن سبب پئيسا واپس نه ڪري سگھيس جنھن تي ھن پنج لک رپيا تي 40 لک طلب ڪيا جيڪو نه ڏيڻ تي ھن گذريل ڏينهن ڳوٺ اچي ڌمڪي ڏنو ھو ته توکي معاف نه ڪنداسين، تنھن ھن ڪرائي جا قاتل گھرائي حملو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ڌرڻي ۾ چئن ڪلاڪن کانپوءِ ايس ايچ او دوداپور اسلام الدين جتوئي ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو سڌير احمد ڀيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.