“جوابدار گرفتار ڪريو” ٺل ۾ پيرسن جو لاش رکي ڌرڻو، پوليس مهلت وٺي ڇڏي

“جوابدار گرفتار ڪريو” ٺل ۾ پيرسن جو لاش رکي ڌرڻو، پوليس مهلت وٺي ڇڏي

ٺل(ن پ ا) ٺل ويجهو قتل ٿيل پيرسن جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، پوليس ڊي ايس پي ٺل 7 ڏينهن جي مهلت وٺي ڇڏي، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ آزاد کوسو ۾ گذريل رات ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل پيرسن ظفر ڊول ۽ زخمي صلاح الدين جي واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول پيرسن ظفر ڊول جو لاش رکي وارثن پاران جي يو آءِ ڪارڪنن سميت دريا خان چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، 4 ڪلاڪ ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين سراج ڊول،مير حسن ٻرڙو،عبدالمالڪ گهيو، عبدالوحيد بروهي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني وڌي وئي  آهي، سرعام ڦر دوران ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، پيرسن ظفر ڊول کي به ڦر مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ ٻئي نوجوان کي زخمي ڪيو ويو آهي،هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف  ڊي ايس پي ٺل پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 7 ڏينهن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو.هوڏانهن مقتول پيرسن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.