ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ الشھباز ڪبوترباز گرينڊ الائينس پاران ڪبوترن جي اڏار جا مقابلا ڪرايا ويا.
مقامي ھال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ميھڙ ۽ خيرپور ناٿن شاھ مان وڏي تعداد ۾ ڪبوترن جو شوق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بھترين اڏار ڪندڙ ڪبوترن جي مالڪ اياز سولنگي کي پھريون نمبر تي اچڻ سبب سي ڊي موٽر سائيڪل، ڪپ، ٻئي نمبر تي وحيد پنھور کي ھاءِ اسپيڊ موٽر سائيڪل، دلبر ڪولاچي کي ھاءِ اسپيڊ موٽر سائيڪل، فاروق ڏيپر کي ھاءِ اسپيڊ موٽر سائيڪل ، صدا چانڊيو کي 70 ھزار ۽ ڪپ، اختيار علي کي 50 ھزار ۽ ڪپ، افضل رند کي به 50 ھزار ۽ ڪپ انعام طور ڏنا ويا.
يونين اڳواڻن حاجي حسين جتوئي، دلنواز ڪلھوڙو، استاد مٺل، عامر پنھور، علي بخش جانوري، بلاول جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ھن تقريب جو مقصد ڪبوترن سان پيار ۽ ڪبوترن جي شوق کي ھٿي وٺرائڻ آھي. ھي جوا نه پر شوق آھي جيئن ڪبوتر جھڙي پکي سان شوق جو اظھار ڪري سگھون.