| جوا ڪمپني سان واسطو: فاسٽ بالر گلين ميڪ گرا ڪمينٽري پينل مان خارج |
سڊني (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريليا جي فاسٽ بالر گلين ميڪ گراٿ کي ڪمينٽري پينل مان هٽايو ويو آهي. آسٽريليا جي ميڊيا موجب قومي براڊڪاسٽر ايشيز جي شروعات کان صرف ٻه ڏينهن اڳ گلين ميڪ گراٿ کي ريڊيو ڪمينٽري پينل مان ڪڍي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو جوا ڪمپني سان تعلق جي ڪري ڪيو ويو آهي. براڊڪاسٽر هڪ بيان ۾ چيو ته براڊڪاسٽر ۽ گلين ميڪ گراٿ گڏيل طور تي الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.