جوجٽسو چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي شاندار شروعات

 جوجٽسو چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي شاندار شروعات

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ شروع ٿيندڙ چيمپيئن شپ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني رانديگرن شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. محمد علي راشد ۽ محمد يوسف علي ڊو مين ڪلاسيڪ ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو. محمد علي راشد ۽ اسرا وسيم مڪسڊ ڪيٽيگري ۾ به گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. ڪائنات عارف مائنس 57 ڪلوگرام ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. پاڪستان جوجٽسو فيڊريشن جي چيئرمين خليل احمد خان رانديگرن جي محنت کي ساراهيو آهي.