جولاءِ ۾ وڌيڪ 26 ماڻهو کنڀجي ويا، 4 کنڀيلن جا لاش مليا: ڪميشن جي رپورٽ

آگسٽ 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) لاپته ماڻهن جي ڪميشن ماهوار رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. جولاءِ 2024 ۾ جبري گمشدگي جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا. 4 لاپتا ماڻهن جا لاشون مليا، 8 لاپتا ماڻهو گهر  پهتا. لاپتا ماڻهن جي ڪميشن ماهوار اڳڀرائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته 31 جولاءِ تائين جبري گمشدگين جا 2269 ڪيس زير التويٰ آهن. جولاءِ ۾ جبري گمشدگيءَ جي 27 ڪيسن کي اُڪلايو ويو. ٻه لاپتا شخص مختلف جيلن ۾ ظاهر ٿيا. اُڪلايل 27 ڪيسن ۾ 13 جبري گمشدگين جا ڪيس نه ٺهندا هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار