| جونئير ذوالفقار جي ايچ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارن سان ملاقات |
ميروخان/سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ غوث بخش عمراڻي پهچي ايچ آءِ وي ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن سان ملاقات ڪري ٻارڙن ۾ رانديڪا ۽ چاڪليٽ ورهائي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته آئون فقط ايچ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن سان ملڻ لاءِ آيو آهيان، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ايچ آءِ وي بابت تمام گهڻو خوف پکڙيل آهي، جنهن ڪري ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٻارن کي اسڪولن مان نيڪالي ڏني پئي وڃي، جونيئر ڀٽو چيو ته هٿ ملائڻ، گڏ کائڻ پيئڻ سان ڦهلجندڙ بيماري ناهي پر ان باوجود به ماڻهن ۾ خوف آهي ۽ اسان انهي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون. سجاول ۾ آبادگارن ۽ هارين مٿان ڪيس بابت سوال تي هن چيو ته پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندڙ غريب هارين ۽ آبادگارن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، اسان انهن سان گڏ آهيون، جڏهن سنڌ کي حصي جو پاڻي ملندو تڏهن کوٽ ختم ٿيندي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جوش ۾ اچي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو جيئي عوام ۽ يا علي مدد جا نعرا هنيا،اتي شهيد ڀٽو جو مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي ۽ ٻيا پڻ جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان گڏ هيا.