| جونيئر ذوالفقار دوستن سان گڏ مڪلي گهمڻ پهچي ويو |
ٺٽو (رپورٽر) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ٺٽي جي تاريخي ماڳ مڪلي پھچي تاريخي آثار گهمي ڏٺا ان ڏس ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي دوستن سان گڏ ٺٽو پھچي عالمي ورثي طور قرار ڏنل مڪلي جي تاريخي ماڳ جي قديمي آثارن سنڌ جي عادل بادشاہ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مزار سان گڏ عيسيٰ خان ترخان جو مقبرو ۽ ٻيا تاريخي مقبرہ گهمي ڏٺا، ان موقعي تي آرڪيالاجي کاتي مڪلي جي ڪيوريٽر سيد غيور عباس شاہ ۽ سرفراز جتوئي جونئير ذوالفقار علي ڀٽو کي مڪلي جي تاريخي ماڳ ۽ ان جي اھميت توڙي موجود 4 کان 5 سئو سالن واري پراڻي دور جي آثارن بابت ڄاڻ ڏني، جونئير ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڏاڏي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي نه رڳو مڪلي جي تاريخي ماڳ تي موجود آثارن جي پنھنجي وزيراعظم واري دور ۾ مرمت ڪرائي ھئي پر ھن ٺٽي جي تاريخي بادشاھي مسجد شاھجھان جو پڻ وڏي پئماني تي ڪم ڪرائي ان جي خوبصورتي کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ھن چيو ته مڪلي جا قديمي ۽ تاريخي آثار وڏي اھميت جا حامل آھن جنھنڪري مڪلي جي تاريخي آثارن طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي