| جونيئر ذوالفقار شهيدن جي مزارن تي پهتو، معذور نوجوان کي خرچي به ڏني |
نئون ديرو(ن پ ا) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي پنهنجي والد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي ٻين مزارن تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري فاتحه خواني ڪري دعا گهري، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار کي پيراندي کان چمي پڻ ڏني. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد واپس روانو ٿي رهيو هو ته مزار ٻاهران معذور نوجوان سان ملاقات ڪري خرچي ڏني ۽ معذور نوجوان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان مخاطب ٿيندي چيو ته ويل چيئر ٽٽي پئي آهي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو معذور نوجوان کي يقين ڏياريندي چيو ته اوهان کي نئين ويل چيئر ملي ويندي،جنهن بعد جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو واپس لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو.