| جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نئين پارٽي جو اعلان جلد ڪندو: عنايت عمراڻي |
شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ ٽيم جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي بوزدار هائوس پهچي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر ايم اسحاق بوزدار جي ڀائيٽي محمد دائود بوزدار جي لاڏاڻي تي فاتح خواني ۽ دعا گهري. تعزيت ڪرڻ بعد عنايت علي عمراڻي ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نئين پارٽي جو اعلان جلد ڪندو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نئين پارٽي جي جوڙجڪ ۾ ملڪ جي چئني صوبن جا دورا ڪري ملڪ جي سينيئر سياستدانن سان اهم ملاقاتون ڪري نئين پارٽي جي حوالي سان ڳالھيون ڪري رهيو آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايندڙ چونڊن ۾ لاڙڪاڻي مان چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندو. هن چيو ته سنڌ ۾ برادري تڪرار ۽ ڌاڙيل ڪلچر جا ذميوار سنڌ حڪومت سميت سردار ڀوتار مير آهن.