جوهي جي آبادگارن جو دادو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
آڪٽوبر 30, 2023
دادو انڊس هاءِ وي تي جوهي جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ ۽ چوري خلاف لڳل ڌرڻو جاري آهي
ڊي سي دادو فياض حسين راهوجو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون
ڊي سي پاران آبادگارن کي ڪاري موري کان جوهي بئراج ۽ شاخن تي آپريشن ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي
آبادگارن پاران رينجرز جي مقرري تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، آبادگارن جو وفد ڊي سي سان
ڳالهين لاءِ سندس آفيس روانو ٿي ويو
ڊي سي دادو موجب آبادگارن جو پوليس ۽ انتظاميه تي اعتماد ناهي، ان ڪري رينجرز گهرائڻ جون ڳالهيون پيا ڪن
ڊي سي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ضرورت پوڻ تي پاڻي چوري روڪرائڻ لاءِ رينجرز جوانن کي به گهرايو ويندو