جوهي جي يوسي چيئرمين جا وائيس چيئرمين سان اختلاف، سنگين الزام

مَي 17, 2025

جوھي(ن پ ا) جوھي جي يوسي پٽ گل محمد چيئرمين اسلم لغاري ۽ اڳوڻي ضلع ڪائونسل ميمبر اڪبر مستوئي جوھي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھه شرپسند ماڻھو پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪري غلط الزام لڳائي رھيا آهن، جيڪي ڪوڙا ۽ بي بنياد آھن، يوسي چيئرمين اسلم لغاري چيو ته ھر مھيني يوسي جي مختلف ڳوٺن جي غريبن مسڪينن بي سھارا ماڻھن کي سولر پليٽون ۽ پکا فراھم ڪيا آھن، ان موقعي تي اڳوڻي ضلع ڪائونسل ميمبر اڪبر مستوئي چيو ته يوسي چيئرمين ا شريف ماڻھو آھي، وائيس چيئرمين پنهنجي ذاتي مفادن خاطر چيئرمين اسلم لغاري خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙا الزام لڳائي  واويلا ڪري رهيو آھي، جنھن ۾ ڪا به صداقت ناھي، ھن  پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کان مطالبو ڪيو ته چيئرمين خلاف واويلا ڪندڙ وائيس چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار