| جوهي مان اغوا ٿيل پرڻيل عورت راڄوڻي بعد بازياب، دادو ۾ ڌرڻو |
جوهي / دادو (رپورٽر) دادو ويجهو ڳوٺ محمد سليمان پهوڙ مان شادي شده عورت راڄل جي مبينا اغوا جو معاملو سامهون اچي ويو آهي، جتي ٽن ڏينهن کان اغوا ڄاڻايل عورت بازياب ٿي مڙس وليداد پنهوڙ ۽ ڀيڻ زرينه پنهوڙ سميت پريس ڪلب پهتي. متاثر عورت صحافين آڏو بيان ڏيندي چيو ته کيس مقامي پيپلزپارٽي اڳواڻ جان محمد پهوڙ جي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو،نو بڻايو ويو. راڄل جو چوڻ هو ته اغوا ڪندڙن کيس ۽ سندس ڪٽنب کي سنگين ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو بيان ڏنو ته قتل ڪيو ويندو، هن مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن دادو ۾ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.