جوهي ميونسپل لاءِ علڻ خان لغاري پ پ جو چيئرمين لاءِ اميدوار

جُون 1, 2023

دادو(رپورٽ: فتاح شيخ)    پ پ پاران جوهي ميونسپل لاءِ علڻ خان لغاري کي چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي

پ پ جي ويجهن ذريعن موجب جوهي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ مختلف نالن تي غور ويچار ڪرڻ بعد علڻ خان لغاري کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

هي به پڙهندا

جوهي ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ  شريف جمالي  کي وائيس چيئرمين طور اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

خيرپور ناٿن شاھه ميونسپل چيئرمين لاءِ مشهود حسين ، غلام محمد شيخ ۽ خليل احمد کونهارو درخواست جمع ڪرائي هئي، انٽريوز کانپوءِ خليل احمد کونهارو جو پارٽي ٽڪيٽ لاءِ نالو فائنل ڪيو ويو آهي

ٽائون ڪاميٽي ڦلجي اسٽيشن لاءِ قاضي علي محمد، سيتا روڊ تي قمبر خان لغاري، راڌڻ تي پ پ ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري دستگير ڳورڙ جا نالا چيئرمين لاءِ نالا فائينل ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين ڪنهن به اميدوار کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ناهي ڪئي وئي

واضح رهي ته مڪاني ادارن جي چونڊ کانپوءِ اڃا تائين دادو ضلع جي ضلع ڪائونسل ، 4 ميونسپل ۽ 4 ٽائون ڪاميٽين تي پ پ پاران چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري نه ٿي سگهي آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت پارٽي اليڪشن بورڊ پاران درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کان انٽريوز مڪمل ڪيا ويا آهن

Leave A Comment