جوهي( ن پ ا) جوهي ويجهو پوليس ٻن نوجوانن کي کنڀي وئي، ڳوٺاڻن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
ڳوٺ جيئندو گاڏھي واسي ڳوٺاڻن پاران معصوم ٻارڙن, عورتن سميت پوليس جي زيادتين خلاف ڇنڊڻ موري وٽ ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي خميسو گاڏھي, گلڻ گاڏھي, مسمات عالم خاتون, ناهيدان گاڏھي ۽ ٻين چيو ته ڇنڊڻ پوسٽ انچارج رجب لنڊ اٽالا ساڻ ڪري گهرن تي ڪاهه ڪئي
هنن چيو ته پوليس عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو منور ۽ ذوالفقار گاڏھي کي زبردستي کنڀي وئي
ڳوٺاڻڻ مطالبو ڪيو ته ڇنڊڻ پوسٽ انچارج رجب لنڊ خلاف ڪاروائي ڪري گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪرايو وڃي