جوهي پوليس ڳوٺاڻن پاران پڪڙيل ڦورو غائب ڪري ڇڏيا، احتجاج

جوهي پوليس ڳوٺاڻن پاران پڪڙيل ڦورو غائب ڪري ڇڏيا، احتجاج

جوهي(ن پ ا) جوھي ۾ ڳوٺاڻن پاران پڪڙيل ڦورو چئن ڏينھن کان غائب ـ متاثر ڳوٺاڻن جو جوھي پوليس خلاف سخت احتجاج ان ڏس م  ڳوٺ براهيم چانڊيو واسي ڳوٺاڻن پاران جوهي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪيو مظاھرين محمد وارث چانڊيو, مقبول احمد چانڊيو, فاروق چانڊيو ۽ ٻين جوهي دادو روڊ تي جوهي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ سندس نوجوان شوڪت چانڊيو کان جوهي شھر مان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٽن ڦورون مان هڪ ڦورو کي اسان ڳوٺاڻن پنهنجي همت سان ڦورو جي موٽرسائيڪل سميت پڪڙي جوهي پوليس حوالي ڪئي ايس ايڇ او جوهي وڏو منڇي جوهي 15 انچارج جوهي ڦورو کي کڻي ويا آھن پر پوليس هن وقت تائين ڦورو کي  غائب ڪري ڇڏيو آھي ڦورو کي ظاهر نه ڪيو آھي نه ئي اسان جي نوجوان کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل رڪور ڪئي وئي آھي هنن چيو ته خدشو ظاهر ڪيو ته جوهي پوليس ڦورو کان مبينا رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آھي هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبوڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦورو مٿان ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ اسان جي نوجوان کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرايو وڃي.