جوهي (ن پ ا (واهي پانڌي ويجهو گورک روڊ تي ٻن موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪرجي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو
عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. واهي پانڌي جي ڳوٺ سوري شير محمد رستماڻي واسي پيرسن علي داد رستماڻي فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته ظفر رستماڻي، نواز رستماڻي، زيد الله لنڊ سندس گهرواري حنيفان لنڊ زخمي ٿي پيا
جن کي تعلقي اسپتال سيوهڻ ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار نو محرم الحرام تي قبرستان ۾ دعا گهري واپسي تي گورک روڊ تي ڪريش وٽ حادثو پيش آيو آھي
وارثن زخمين کي تعلقه اسپتال جوهي پهچايو جتي پيرسن علي داد رستماڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ٻين چئن زخمين کي طبي امداد کانپوءِ سيوهڻ نيو ويو