جوهي ۾ نياڻين کي تنگ ڪندڙ وڏيري جو پيءُ مڇرجي پيو، فريادي زخمي

جوهي ۾ نياڻين کي تنگ ڪندڙ وڏيري جو پيءُ مڇرجي پيو، فريادي زخمي

جوهي(ن پ ا) جوهي  ڪاڇي جي شھر ڇني ۾ وڏيري جي پٽ پاران اسڪول ويندڙ نياڻين کي مبينا تنگ ڪرڻ خلاف آواز اٿارڻ تي وڏيرو ڳوٺاڻي تي مڇرجي پيو گوليون. هڻي نوجوان محمد علي رستماڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻو محمد علي رستماڻي سندس ڀاءُ دودا خان رستماڻي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس نياڻيون ڇني شھر ۾ اسڪول پڙھڻ وينديون آھن، مقامي وڏيرو سردار خان رستماڻي جو پٽ اسد گهٽين ۾ بيهي نياڻين کي تنگ ڪري ٿو ان خلاف ڪالھ ٿاڻي تي اين سي ڪرڻ ۽ پريس ڪرڻ کانپوءِ وڏيرو مڇرجي پيو اڄ صبح هٿيار کڻي اچي منهنجي مٿان حملو ڪيو رپيٽر جا ڇرا مونکي ٽنگ ۾ ھڻي زخمي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته خوف مان نياڻيون اسڪول وڃڻ ڇڏي ويون آھن هنن مطالبو ڪيو آھي معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻين جي تعليم دشمن وڏيرو سندس پٽ خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.