جوهي ۾ ٻوڏسٽيلن مٿان وري مليريا جو عذاب، ڪيترائي بيمار

مَي 22, 2023

جوهي (ن پ ا) جوهي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ مليريا تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سوين ماڻهو مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

شھر، ڪاڇو ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ سوين معصوم ٻارڙا, عورتون ۽ مرد مليريا سبب بيماري کي منهن ڏئي رهيا آهن، صحت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي

ڳوٺاڻن گل رودناڻي, شاھ محمد, يونس سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته علائقي ۾  مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي ويو آھي هڪ گهر ۾ ٻه کان ٽي ڀاتي بيمار پيل آهن

ڳوٺاڻن چيو ته صحت کاتو ٻوڏسٽيل علائقن ۾ ٽيمون اماڻي بيمار ماڻهن جو علاج ڪرايو وڃي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون مهيا ڪيون وڃن

Leave A Comment