جوهي ۾ ٻوڏ کي 3 سال گذري ويا، متاثر آسمان هيٺ ويٺل، احتجاج

مارچ 8, 2025

جوهي(ن پ ا) جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباھه ڪارين کي ٽي سال گذري ويا، ھزارين متاثره خاندان اڄ به کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن. ان ڏس ۾ جوھي تعلقي جي يونين ڪائونسل جوهي ٽو جي ڳوٺ ابراهيم چانڊيو جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو،. ڳوٺاڻن مقبول چانڊيو ، گلاب چانڊيو، لطيف چانڊيو، خدابخش چانڊيو،  سلطان چانڊيو ۽ ٻين  چيو ته ٻوڏ کي ٽي سال گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار، طرفان گهرن جي تعمير لاءِ اعلانيل رقم نه ملي سگهي آھي، ٿرديب آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿکجي پيا آهيون،  ٽن سالن کان وٺي  گرمين سردين ۾ کليل آسمان معصوم ٻچڙن سميت  خيمن ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون،  معصوم ٻچڙا  بزرگ مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، هنن چيو ته جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي بحالي لاءِ پراجيڪٽ سماجي تنظيم ٿرديپ کي مليل آھي، پر ٿرديپ انتظاميا سروي کانپوء منهن نه ڪيو آھي اسين ٿرديپ آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون اسان جي ڳوٺ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، هنن  اعليٰ ادارن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفڪٽيڊ جي سي اي او خالد محمود شيخ، سنڌ سرڪار ضلعي انتظاميا سميت ذميوارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور  نوٽيس وٺي گهرن جي تعمير لاءِ اعلانيل رقم ڏئي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

 

Leave A Comment