جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ، رستن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻو

آگسٽ 20, 2023

جوهي (ن پ ا) جوهي تعلقي اندر پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ، ٻوڏ دوران تباھ ٿيل روڊ رستا بحال نه ٿيڻ، متاثرن جي بحالي لاءِ اپاءَ نه وٺڻ

امن امان سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ قومي عوامي پورهيت تحريڪ پاران مرڪزي اڳواڻ ماروي پليجو، جي اين کوسو، سنجر برهماڻي، غلام رسول لغاري ۽ ٻين اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي

جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جوهي تعلقي کي پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن تباھ ڪيو آھي، روڊ رستن، نالين، پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪرپشن ڪري عوامي پئسي کي لُٽي کائي ويا آھن

هنن چيو ته جوهي شھر اندر پيئڻ جو پاڻي ۽ زرعي پاڻي ڪيتري ئي عرصي کان بند آھي، شهري پاڻي ڦڙي لاءِ  تڙپن پيا، ٻوڏ دوران تباھ ٿيل جوهي تعلقي جا روڊ رستا هڪ سال گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهيا آھن

ٻوڏ دوران بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرين هڪ سال گذرڻ باوجود بي گهر آھن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي روٽي، ڪپڙا، مڪان ڏيڻ جي نالي سان  عوام کي لٽيو آھي، ڪارونجهر جبل سميت سنڌ جي زمينن کي پنهنجي مفادن خاطر وڪرو ڪيو ويو آھي

جوهي تعلقي اندر ٻه آئل ۽  گئس ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آھي جيڪي علائقي اندر خرچ ڪرڻ بدران رائلٽي  فنڊز ڀوتارن کي ڏنو پيو وڃي. جوهي ۽ ڪاڇي واسي جديد دور ۾ پٿر دور واري زندگي گذارين پيا

هنن چيو ته جوهي تعلقي سميت سنڌ جي ٻين شھرن جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ اندر عوامي پورهيت  تحريڪ پاران  احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

Leave A Comment