جوڊيشل ڪائونسل پاران جسٽس مظاهر کي ٻيهر شوڪاز:جسٽس اعجاز جي مخالفت
نومبر 23, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب ڪائونسل چيو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي 14 ڏينهن ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران شاهدين جي روشني ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، ڪائونسل ٽن ڏينهن تائين جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن ۽ سندس اعتراضن جو جائزو ورتو، ذريعن موجب چار هڪ جي اڪثريت سان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق، جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس نعيم افغان پاران نوٽيس جي حمايت ڪئي وئي، جسٽس اعجاز الاحسن شوڪاز نوٽيس جي مخالفت ڪئي، ان کان اڳ به جسٽس مظاهر کي شوڪاز جاري ڪيو ويو هو، جسٽس مظاهر نقوي شوڪاز نوٽيس ۾ پنهنجي خلاف شڪايتن جا تفصيل درج هجڻ تي اعتراض واريو هو. جسٽس مظاهر ڪائونسل جي ڪارروائي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪئي آهي.