جوڊيشل ڪميشن اڃا ناهي ٺاهي: عمران حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جنوري 24, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل مان حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، حڪومت کي 7 ڏينهن اندر جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻي هئي پر اڃا تائين نه ٺاهي وئي آهي، ان ڪري ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ باني واضح چيو هو ته ڪميشن نه ٺهي ته ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهنديون، اسان جي خواهش هئي ته ڳالهيون جاري رهن ۽ معاملا اڳتي وڌن پر سياسي اختلافن جي ٿڌ ايتري گهڻي آهي جو برف ڳري نه پئي ڳري،  افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت طرفان اڄ تائين ڪو اعلان نه ڪيو ويوآهي. عمران سان جيل ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر ۽ وڪيلن جي ملاقات ٿي، گوهر چيو ته اسان جي خواهش هئي ته ڳالهيون اڳتي هلن، ڪميشن ٺاهڻي آهي ته 3 سينئر ججز سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ مان هجڻ گهرجن، 26هين ترميم خلاف سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين، گوهر موجب عمران جوچوڻ هو ته اسان کي ڪنهن پرڏيهي مدد جو انتظار ناهي نه ئي پي ٽي آءِ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي.

 

Leave A Comment