| جيئرو آهيان: ڌاڙيل ثنو شر جي وڊيو وائرل |
رائونتي/اوٻاوڙو: پوليس مقابلي ۾ مارجي ناهيان ويو، جيئرو آهيان، ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر جي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو بيان ۾ ڌاڙيل ثنو شر پنهنجي زندهه هئڻ جي تصديق ڪندي چئي ٿو ته منهنجي مارجڻ واريون خبرون غلط آهن، آئون جيئرو ۽ خير خيريت سان آهيان، مون کي ڪو نقصان ناهي پهتو، گهوٽڪي پوليس ونگار وهي اسان جا ماڻهو قتل ڪيا آهن، ڊي آءِ جي سکر گذريل ڏينهن رانوتي جي ڪچي ۾ پوليس مقابلي دوران ڌاڙيل ثنو شر جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
| 50 لک انعام يافته شاهو ڪوش اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث قرار |
رائونتي/اوٻاوڙو: مارجي ويل انعام يافته شاهو ڪوش سنڌ-پنجاب جي حدن ۾20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جڏهن پنجاب جي حد ماچڪي واري ڪچي ۾ شهيد ٿي ويل 12 پوليس اهلڪارن جي شهادتن جي ڪيس ۾ به پڻ ملوث هو، پنجاب پوليس جوابدار مٿان 50 لک انعام رکيل هو، جيڪو گهوٽڪي پوليس جي آپريشن ۾ مارجي ويو.
8 هٿياربندن جا 15 ڪلاڪن بعد لاش وارث عورتن حوالي
رائونتي/اوٻاوڙو: مارجي ويل 8 هٿياربندن جا لاش 15 ڪلاڪن کان اسپتال۾ پيل رهيا، 15 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي اوٻاوڙو پنهنجي اڳواڻي ۾ کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو، مارجي ويل ڏوهارين جي لاشن کي ڀيا پوليس پڪٽ وٽ وارث عورتون حوالي ڪيا ويا.