جيالن ۾ اختلاف، ھنڱورنو ٽائون چيئرپرسن رخسانه شر کي ليگل نوٽيس

جُولاءِ 2, 2025

سنڌڙي (پنهنجي ڊيسڪ) ھنڱورنو ٽائون ڪمٽي جي چيئرپرسن رخسانه شر ۽ پ پ ٽائون صدر ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن، پارٽي عهديدار 3 ورهين ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ جو حساب گھري ورتو آهي.

پ پ پاران اميدوار طور منتخب ٽائون چيئرپرسن رخسانه شر ۽ سندس پارٽي جي ٽائون صدر صالح شر ۾ اختلاف تيز ٿيڻ بعد صالح شر پاران آرٽيڪل 19A/1973 موجب نوٽيس موڪلي 2023 کان اڄ تائين جي ٽائون جي بجيٽ جا تفصيل گھري ورتا آهن.

اھڙو نوٽيس سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ، ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي ميرپورخاص، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ ميرپورخاص ۽ اي سي سنڌڙي کي ڪاپيون پڻ موڪليون ويون آهن، جنھن ۾ 10 ڏينھن اندر بجيٽ ڪيتري آئي ۽ ڪٿي استعمال ٿي آهي جواب ڏيڻ لاءِ گھر ڪئي وئي آھي

پ پ ٽائون ھنڱورنو جي صدر صالح شر چيو آهي ته آهي ته ٽائون ڪاميٽي جي ھڪ ڪروڙ 27 لک ماھوار بجيٽ آھي، آڪٽوبر 2023 کان ڪروڙين رپيا آياآهن، اهي ڪٿي خرچ ٿيا اھو ٻڌايو وڃي، 5 وارڊن تي ٽائون ڪميٽي ۾ عوام کي ٽائون مان ڪجھ نٿو ملي

هوڏانهن رابطو ڪرڻ باوجود هنڱورنو ٽائون چيئرپرسن رخسانه شر پنهنجو موقف ڪو نه ڏنو

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت