جيل انتظاميا عمران کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، منهن ماري: 4 شاهدن جا بيان رڪارڊ
جنوري 23, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري خارجا سهيل محمود سميت پراسيڪيوشن جي وڌيڪ چئن شاهدن بيان قلمبند ڪرائي ورتا. ڪيس جي ٻڌڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذولقرنين اڊيالا جيل ۾ ڪئي. جنهن دوران چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ شاهه محمود قريشي عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد اڳوڻي چيئرمين تحريڪ انصاف کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو ويو. جنهن تي هن جي جيل سپرنٽينڊنٽ سان تلخ ڪلامي به ٿي.