جيل حدن اندر جيڪو ايندو آهي عمران سان ملائيندا آهيون: جيل اختياريون

جيل حدن اندر جيڪو ايندو آهي عمران سان ملائيندا آهيون: جيل اختياريون

راولپنڊي (م ڊ) پنجاب جي جيل کاتي جي اختيارين چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ محفوظ ۽ صحتمندآھي، ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ساڻس بشريٰ بي بي جي ملاقات ڪرائي ويندي آھي. پنھنجي بيان ۾ اختيارن جو چوڻ آھي تہ جيل ۾ ھڪ بيرڪ جا 6 ڪمرا پي ٽي آءِ باني عمران خان جي استعمال ھيٺ آھن، ان وٽ ٽي وي ۽ اخبار جي سھولت موجود آھي، ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ٻاھران کاڌو گھرائڻ جي اجازت آھي، ٻاھران ديسي مرغي ۽ مڇي بہ  گھرائي ويندي آھي. اختيارن جو چوڻ آھي تہ پي ٽي آءِ باني سان جيل مينوئيل موجب ملاقات ڪرائي ويندي آھي، جيل جي حد ۾ ايندڙ ھر شخص جي ملاقات قانون ۽ رولز کي ڏسندي ڪرائي ويندي آھي، جيل جي حدن کان ٻاھر جي معاملن جي جيل انتظاميہ ذميوار ناھي.