| جيل پهتل اداڪار مٿان قيدين کي لتون هڻڻ جو الزام |
ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي سپر اسٽار درشن مٿان جيل جي ساٿي قيدين هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، 2024 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪرڻ تان درشن 2 سالن کان جيل ۾ قيد آهي،ٻڌايو پيو وڃي ته ڪناٽڪ هاءِ ڪورٽ اداڪار جي ضمانت منظور ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڀارتي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو هو.رپورٽن موجب اداڪار درشن هن وقت جيل ۾ قيد آهي، مٿس ساٿي قيدين تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. درشن سمهڻ وقت لتون هڻندو آهي، ساڻن بدتميزي سان ڳالهائيندو آهي، جنهن کان پريشان ٿي 2 قيدين اختيارين کي ٻي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار کي هاڻي جيل ۾ نه صرف قاعدن تي عمل ڪرڻ پر کيس قطار ۾ بيهي کاڌو وٺڻ ۽ پنهنجو واش روم پاڻ صاف ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.